عزيز ڪِنگراڻي جي ڪهاڻين جي ڪتابَ ” روڳ “ جو مختصر احوال

امين جويو

سائين عزيز ڪِنگراڻي جي ڪهاڻين جو هي ڪِتاب 2005ع ۾ روشني پبليڪيشن وارن ڇپائي پڌرو ڪيو . ڪهاڻين جي هن مجموعي ۾ ڪُل ويهه ڪهاڻيون شامل آهن ۽ هي ڪتاب ڪُل هڪ سئو ڇاهتر صفحن تي مشتمل آهي . هن ڪِتاب ۾ ترتيب وار ؛ ” آءُ آدم آهيان ، سوڙهي ڌرتي ، پويون پَهر ، پيار جي خوشبو ، ڪارنهن ، ڇوٽڪارو ، موٽَ ، ڇانورو ، بُوند ، پهريون سج ، سُڃاڻپَ ، زِندگي هڪ گيت ، ڏيڍ رَتي تاريخ ، تُحفو ، سُڪيءَ تي سمونڊ ، تَلاش ، اڪيلائپَ جو شهر ، اعتراف ، ريهرسل ۽ روڳ “ جي عنوان واريون ڪهاڻيون شامل آهن.

ليکڪَ پنهنجي هن ڪِتاب جي ارپنا هنن لفظن سان ڪئي آهي ته ؛ ” بابا مرحوم سومار عرف سومرو خان ۽ امان ناز بيبيءَ جي نالي جن جي ٻاٽ محرومين منهنجي اندر ۾ لکڻ ، پڙهڻ ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ لاءِ اتساهه ۽ اُمنگ جي لاٽ ٻاري!“

هن ڪِتابَ جو مهاڳ سائين عبدالقادر جوڻيجي صاحب لِکيو آهي ، جنهن ۾ هن هڪڙي هنڌ لکيو آهي ته ؛ ” جڏهن عزيز ڪِنگراڻي جون ڪهاڻيون پڙهجن ٿيون ، تڏهن اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي ته هو ڪهاڻيءَ لاءِ مقرر ڪيل مول متن تي بلڪل پورو لهي ٿو ۽ هن هي سڀ ڪهاڻيون رڳو مٿي تان بار لاهڻ لاءِ نه لکيون آهن پر هن پنهنجي سموري تخليقي سگهه هنن ڪهاڻين تي لڳائي آهي. عزيز ڪنگراڻي پنهنجي دور جو هڪ نمائندو ڪهاڻيڪار آهي ۽ هن پنهنجين ڪهاڻين ۾ جنهن رنگ ڍنگ ۾ ڪردار نگاري ڪئي آهي ، اها پڙهندڙ جي جمالياتي حس کي ڇُهي پاڻ سان گڏ وٺي هلي ٿي ۽ هو مجبور ٿي وڃي ٿو ته هو اُها ڪهاڻي پڙهي پوري ڪري . ان کان سواءِ عزيز ڪِنگراڻي جي ڪهاڻين ۾ موجود ڊرامائيت پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن ڇِڪي ٿي ۽ پڙهڻ وارو لاچار ٿي سندس ڪهاڻين ۾ گم ٿي وڃي ٿو. سندس ڪهاڻيون پڙهڻ سان ڪٿي به اهو تاثر نه ٿو اُڀري ته هن اهي ڪهاڻيون رڳو مٿي تان بار لاهڻ لاءِ لکيون آهن پر هُن ادب جي هِن ڏکي صنف سان ياري رکي ڪم ڪيو آهي ۽ اهڙيون ڏکيون ياريون رکڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي“.

هن ئي ڪِتابَ ۾ سائين عَزيز ڪنگراڻي بابت اُستاد بخاريءَ به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي، جنهن ۾ هو چون ٿا ته ؛ ” عَزيز ڪِنگراڻي ڇا آهي ؟ هڪ طويل ڪهاڻي آهي ، ڪهاڻي! جيڪا حقيقت جو رقص آهي ، آس نراس جو عڪس آهي ، رنگين به آهي ته رنگيني به آهي ، دردن ڀَري به آهي ته دوا ذري به آهي ، صدين جي صدمن جو داستان به آهي ته حال جي استحصال سان ٽَڪَرَ جو اصل اعلان به آهي ۽ آئيندي جي سپنن جو سامان به آهي . عزيز ڪنگراڻي جي تدبيرن ۾ اهو سڀ ڪُجهه موجود آهي ، جيڪو اسان جي سماج جي ڏتڙيل ماڻهن جي سپنن ۾ موجود هوندو آهي . اهو زندگيءَ جو رستو ، ٿورڙي ڦيرگهير سان تُنهنجو به آهي ته منهنجو به آهي ته هر سنڌ سُڄاڻ قلمڪار جو به آهي.“

هن ڪِتابَ جي پهرئين ڪهاڻي ” آئون آدم آهيان “ ۾ هڪ هندو ڪُٽنب آهي ، جنهن ۾ هنن کي پنهنجو ديس ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي ٿو. ليکڪَ سندن درد ڪٿا ۽ پيڙا کي تمام بهترين طريقي سان پيش ڪيو آهي. ٻئين ڪهاڻي جو عنوان ” سوڙهي ڌرتي“ آهي، جنهن ۾ ليکڪَ هن معاشري جي ناسور بڻجي ويل طبقاتي سسٽم جي ڳالهه ڪئي آهي، هن ڪهاڻي ۾ هڪ ڪردار ”جمعو“ هڪ غريب خاندان منجهان هوندو آهي ، جڏهن ته نائلا هڪ پروفيسر جي ڌيءَ هوندي آهي. ٻنهي جو هڪ ٻئي سان پريم هوندو آهي پر سندن پريم ڪهاڻي سماجي اڻ برابري واري رواج جي ڪري لُڙهي وڃي ٿي. هن ڪهاڻي جو پلاٽ شاندار آهي ۽ سموري ڪهاڻي بهترين ڊائلاگن تي بيٺل آهي ۽ ڪهاڻي جا سڀئي ڪردار تمام گهڻا سگهارا محسوس ٿين ٿا. ٽئين ڪهاڻي ”پويون پهر“ آهي ، جنهن ۾ مُرادان نالي هڪ ناريءَ کي اولاد نه ٿيڻ ڪري ، سندس مُڙس سانوڻ ٻي شادي ڪري ٿو ڇڏي ۽ مُرادان ڏانهن ڪو به ڌيان نه ٿو ڏئي. ويچاري مُرادان کي بيمار ، بيوس ۽ لاچار ڏيکاريو ويو آهي. هيءَ هڪ احساساتي ڪهاڻي آهي جنهن ۾ بي اولاد عورت جي دردن ۽ سورن جي پچار ڪئي وئي آهي. چوٿين ڪهاڻي جو عنوان ”پيار جي خوشبوءِ“ آهي. هن ڪهاڻي ۾سيوهڻ شريف جي پس منظر ۾ هڪ پريمي جوڙو مُلاقاتون ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. جنهن ۾ پريميڪا ” صنوبر“ شادي ڪرڻ کان پوءِ به پنهنجي پريميءَ سان نڀائيندي اچي ٿي. هيءَ ڪهاڻي ته زبردست آهي پر هن ڪهاڻيءَ جي اڻ پورو هجڻ جو احساس ٿئي ٿو ۽ سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اڳتي ڇا ٿيندو! پنجين ڪهاڻي جو عنوان ”ڪارنهن“ آهي ، جنهن ۾ دوست محمد نالي هڪ معذور ڪردار جي درد ڪهاڻي کي پيش ڪيو ويو آهي. هيءَ ڪهاڻي حساس ادارن جي ڳُجيهن ڪاررواين بابت آهي ، جنهن جو شڪار دوست محمد ٿئي ٿو ۽ هو هميشه جي لاءِ معذور ٿي وڃي ٿو. ڇهين ڪهاڻي ؛ ”موٽَ “ جي عُنوان سان آهي جنهن ۾؛ ساجن نالي هڪ ڪردار کي نشائي ڪري پيش ڪيو ويو آهي ، جيڪو هيروئن جو نشو واپرائڻ خاطر پنهنجي سموري گهر جو الهه تلهه ته وِڪڻي ڇڏي ٿو پر هو پنهنجيون ٻه نوجوان ڌيئرون به وڪڻي ڇڏي ٿو پر آخر ۾ سندس ٽئين ۽ آخري ڌيءَ زيبل کي نه ٿو وڪڻي ۽ کيس غيرت اچي وڃي ٿي. پر هيءَ ڪهاڻي به اڻ پوري لڳي ٿي ۽ سَمَڪَ ئي نه ٿي پوي ته اڳيان ڇا ٿيو! يا ڇا ٿيڻ گهرجي !

ستين ڪهاڻي جو عنوان ”ڇانورو“ آهي ، جنهن ۾ ڪَرمون ۽ سندس ڀيڻ حورَ جا ڪردار آهن جيڪي پينو فقير آهن ۽ پوليس کين علائقو ڇڏڻ لاءِ تنگ ڪندي رهي ٿي. هي ڪهاڻي به اڻ پوري لڳي ٿي. اٺين ڪهاڻي؛ ” بُوند “ جي عنوان سان آهي ، جنهن ۾ زال مڙس ڪلثوم ۽ جليل جا ڪردار آهن ، پر پنجن سالن تائين کين ڪو به ٻار نه ٿو ٿئي ، ان ڪري ڪلثوم سندس هڪ ماسات ڊاڪٽر رياض سان ملي کيس سندس ڪُک سائي ڪرڻ لاءِ مِنٿ ميڙ ڪري ٿي. هيءَ ڪهاڻي ڏاڍي دلچسپ آهي ۽ هن جي پُڄاڻيءَ تي به اڻ پورائپَ جو احساس ٿئي ٿو. نائين ڪهاڻي؛ ”پهريون سِج“  کيرٿر ۽ منڇر نالي مهاڻن جي زندگين تي ٻڌل آهي ، جنهن ۾ ليکڪَ ڪاڇي ، گورک ، موهن ۽ ڪجهه ٻين جبلن ، نيئن ۽ وادين جا نالا ڏاڍي سهڻي نموني سان ڪردارن جي صورت ۾ پيش ڪيا آهن. هيءَ دلچسپ ڪهاڻي پڙهڻ جوڳي آهي.

ڏهين ڪهاڻي ”سُڃاڻپ“ آهي، جيڪا ڊاڪٽر جمال ۽ سندس گهر واري ڪَنول جي پُرسڪون زندگيءَ تي ٻڌل آهي ، جنهن ۾ اوچتو ڌاڙيلن جي چِٺي اچڻ کان پوءِ ٿرٿلو مچي وڃي ٿو ۽ ڊاڪٽر جمال پئسن ڏيڻ بدران مڙس ماڻهو ٿي اڪيلي سر ڌاڙيلن سان مقابلو ڪري ٿو. يارهين ڪهاڻي ؛ ”زندگي هڪ گيت“ جي عنوان سان آهي ، جنهن ۾ هڪ انقلابيءَ جي ڏکن سورن ۽ ٽارچر برداشت ڪرڻ جي ڪٿا سمايل آهي. ٻارهين ڪهاڻي جو عُنوان ” ڏيڍ رَتي تاريخ “ آهي ، جنهن ۾ هڪ سنڌي اديب جي مفلسي ۽ غربت واري زندگي تي روشني وڌي وئي آهي، ته ڪيئن اسان جي سنڌي اديب وٽ عِلم، ادب ۽ ڏات ته آهي پر وٽس پُٽ جي اسڪول جي فِيس ڀَرڻ جيترا پيسا به ناهن هوندا! تيرهين ڪهاڻي؛ ” تحفو“ عنوان سان آهي ، جنهن ۾ هڪ ليکڪ سموري عمر شادي نه ٿو ڪري ۽ سڄي ڄمار سندس خدمت چاڪري سندس ڀيڻ ڪري ٿي ۽ هو تصور ئي تصور ۾ مرڻ پُڄاڻان مڃتا ملڻ جا خواب ڏسندو ۽ ڳوڙها ڳاڙيندو رهي ٿو. چوڏهين ڪهاڻي ”سُڪيءَ تي سمونڊ“ آهي ، جنهن ۾ صدوري ۽ سندس وَرَ ڪامل جي ڳالهه ڪيل آهي. ڪامل ڪراچيءَ ۾ نوڪريءَ سانگي رهيل آهي. هيءَ ڪهاڻي ڪاڇي جي پس منظر ۾ لکيل آهي ، جتي هڪ رات اوچتو تيرڀت ڀڄڻ ڪري ٻوڏ اچي ٿي. ان اوچتي ٻوڏ جي ڪري ڪامل جو گهر ٻُڏي وڃي ٿو ۽ سندس گهر واري صدوري ۽ سندس ٻهَ ٻار به ٻوڏ ۾ لُڙهي وڃن ٿا . هن ڪهاڻي ۾ وڏو درد سمايل آهي ۽ ڪهاڻي وڏو اثر ڇڏي ٿي. پندرهين ڪهاڻي جو عنوان ” تلاش“ آهي ، جيڪا سنڌ يونيورسٽي جي پس منظر ۾ لکيل آهي ۽ ان ۾ اڪبر ۽ سندس پريميڪا زاهده جي پيار ڪهاڻي سرجيل آهي. سورهين ڪهاڻي ” اعتراف“ آهي، جنهن ۾ دلبر ۽ امبرين جي معاشقي جي ڳالهه ٿيل آهي . هن ڪهاڻي جي آخر ۾ دلبر ، امبرين کي حيران ۽ پريشان ڪندي کيس ٻُڌائي ٿو ته هن ۾ مردانگي ئي ناهي! . سترهين ڪهاڻي” ريهرسل“ آهي جنهن ۾ زويا ۽ هڪ ٽي وي ڊائريڪٽر يا پروڊيوسر جي ڳالهه ٿيل آهي ، جيڪو ريهرسل جي بهاني زويا کي پنهنجي حَوس جو شڪار بنائڻ چاهي ٿو. هن ڪتاب جي آخري ڪهاڻي ” روڳ“ آهي ، جنهن ۾ سارنگ نالي هڪ ڪردار هڪ پرڏيهي ناري مئري کي ڪاڇو ۽ گاج نيئن گهمائڻ لاءِ وٺي ٿو اچي ۽ اهي گاج بنگلي ۾ ترسن ٿا ، مئري ڪاڇي تي پي ايڇ ڊي ڪرڻ اچي ٿي ، پر ڪاڇي ۾ ڌاڙيلن جي آزار هجڻ ڪري بدامني ۽ خوف وارو ماحول جڙيل ڏيکاريو ويو آهي . هن ڪهاڻي ۾ سارنگ ۽ مئري جي وچ ۾ هڪ جذباتي لڳاءُ جُڙي وڃي ٿو ، جنهن کي پريم جو نانءُ ڏئي سگهجي ٿو . هي ڪهاڻي هن ڪِتاب جي مهندار ڪهاڻي آهي ۽ پڙهندڙ تي تمام گهڻو اثر ڇڏي ٿي پر آخر ۾ هن ڪهاڻي جو اختتام به تجسس ۽ ” هاڻي ڇا ٿيندو…!“ واري ابهام تي ڇڏيو ويو آهي.

هن ڪِتاب ۾ شامل سڀئي ڪهاڻيون بهترين ۽ سَماج جو عڪس پيش ڪن ٿيون . پر آخري ڪهاڻي ” روڳ“ سڀني کان الڳ ۽ شاندار آهي. هي ڪِتاب سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي ويب سائيٽ تي به موجود آهي ۽ ان کي اوهان سولائيءَ سان پنهنجي موبائيل فون تي به پڙهي سگهو ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.