اٽي بابت سنڌ سرڪار سکڻا اعلان ڪيا آهن: جماعت اسلامي

سکر (رپورٽر) جماعت اسلامي سکر جي امير زبير حفيظ شيخ چيو آهي ته حڪمران مهانگائي جي تيز ترين طوفان کي روڪڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويا آهن، حڪمران سيٽ بچائڻ لاءِ غريب عوام کي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن، جنهن ڪري مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي. سنڌ حڪومت جا اٽي سستا ڪرڻ جا اعلان رڳو سياسي اعلان آهن، اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته خوراڪ کاتو ۽ پرائس ڪنٽرول کاتو ڪرپشن جا شهنشاهه بڻجي ويا آهن. هنن چيو ته غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن جي پيٽ ۾ باهه ٻارڻ کانسواءِ کين ڪجهه به ناهي ته هو پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن، ٻارن کي ڇا کارائڻو آهي، حڪومت جي گودامن ۾ ڪڻڪ خراب ٿي رهي آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.