مستقبل ۾ اٽي جو بحران شدت اختيار ڪري ويندو: سنڌ آبادگار اتحاد

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ آبادگار اتحاد جو اجلاس صدر نواز زبير ٽالپر جي صدارت ۾ ڪالهه محمد خان ڪمبوهه جي رهائشگاهه تي ٿي گذريو، اجلاس ۾ محمد انور ڪمبوهه، محمد جاويد، شريف نظاماڻي، مير ظفر الله ٽالپر، مير صوبدار ٽالپر، محب مري، سيف الله گل، عبدالحق زنئور ۽ ٻيا آبادگار پڻ موجود هئا. اجلاس دوران آبادگارن شگرمل مالڪن طرفان ڪمند جي گهٽ قيمت ڏيڻ ۽ ڪٽوتي ڪرڻ، سي پي آر نه ڏيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته سموري معاملي تي ڪين ڪمشنر سنڌ ڪوبه ايڪشن نٿو وٺي، جيڪو عمل افسوس جوڳو آهي. اجلاس ۾ اٽي جي بحران تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ويو ته آبادگار اتحاد اڳ ئي حڪومت کي آگاهه ڪيو هيو ته ڀاڻ جي قيمتن ۽ مهانگائي سبب پيداوار گهٽ ٿيندي ۽ ٿيو به ائين ئي، اڄ اٽي جو شديد بحران آهي ۽ ماڻهو اٽو حاصل ڪرڻ لاءِ پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ذخيرو ٿيڻ سبب اٽو اڻلڀ ٿيندو پيو وڃي، گذريل سيزن ۾ آبادگارن کان 2200 روپيا في مڻ ڪڻڪ خريد ڪئي وئي، اڄ ان ڪڻڪ جي قيمت 4600 روپيا في مڻ آهي ۽ نئين سيزن لاءِ اڃا تائين قيمت مقرر ناهي ڪئي وئي. هنن چيو ته برساتون ٿيندي 4 مهينا گذري ويا آهن، پر اڃا تائين 40 سيڪڙو زرعي ايراضي تان به پاڻي نيڪال ناهي ڪرايو وڃي، جنهن سبب مستقبل ۾ اٽي جو بحران شدت اختيار ڪري ويندو. اجلاس ۾ آبادگارن چيو ته ڀاڻ ۽ ٻج جون وڌندڙ قيمتون ڳڻتي جوڳيون آهن، زراعت کاتو ان معاملي تي خاموش تماشائي بڻيل آهي، ڀاڻ ۽ ٻج نه صرف مهانگا ٿي رهيا آهن، پر ان جي به کوٽ ٿي وئي آهي، جنهن سبب هاڻ مستقبل ۾ خوراڪ جي شين جو شديد بحران ايندو. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته برسات ۽ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرائي ڀاڻ ۽ ٻج جي قيمتن تي ضابطو آڻي آبادگارن کي ڪمند جو مقرر اگهه ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.