حب(رپورٽ:يار محمد بروهي)بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته نام نهاد ضلعي حب ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر کي ماڻهن کي چماٽ هڻڻ جو ڪو به حق حاص ناهي، هو هڪ سرڪاري آفيسر آهي، ماڻهن پنهنجي مسئلن لاءِ هن وٽ ايندا، هن چيو ته جڏهن ضلعي جي ذميوار آفيسر جو رويو عوام سان اڻوڻندڙ هوندو ته عوام به چڙندو، عوام مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهجي رهيو آهي، عام واهپي جي شين جي شديد کوٽ آهي، حڪومت ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان فوري نوٽيس وٺن