ناظم جوکيو ڪيس، ڄام اويس، معراج ۽ ٻين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي/ملير (رپورٽر+ ڊر)ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير جي عدالت شهيد ناظم جوکيو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي .عدالت جوابدارن جي ناظم جوکي جي وارثن سان صلح نامي جي درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي نامزد ايم پي اي ڄام اويس گهرام، معراج جوکيو ۽ احمد خان شورو خلاف ڪيس ختم ڪري آزادڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي .جڏهن ته  ڪيس ۾ نامزد 2 جوابدار سومار جوکيو ۽ دودو خان قتل جي الزامن مان آجا قرار ڏنا ويا آهن .ٻنهي جوابدارن خلاف اغوا جو ڪيس هلندو رهندو، شهيد ناظم جو قتل ڪيس هاڻي رڳو ٽن جوابدارن نياز سالار، حيدر علي ۽ مهر علي خلاف هلندو.ڪيس جي هڪ جوابدار سليم سالار صلح نامي جي بنياد تي ڪيس مان آزاد ٿيڻ تي انڪار ڪيو آهي .هن جو چوڻ آهي منهنجو ڪيس سان ڪوبه تعلق نه آهي .انڪري مان صلح نامي تي آزاد نٿو ٿي سگهان .واضع رهي ته ناظم جوکي کي نومبر 2021ع ۾ تشددڪري قتل ڪيو هو جڏهن ايم اين اي  ڄام ڪريم جي خلاف پوليس ثبوت نه هجڻ تي ڪيس ختم ڪيو هو .03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.