” مهانگائي ڪنٽرول ڪريو“ ايس يو پي جي سڏ تي اٽي بحران خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سنڌ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ اٽي کوٽ خلاف سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي سڏ تي مظاهرا، ڀان سيد آباد  ۾ ايس يو پي جي مرڪزي سڏ تي سنڌ ۾ اٽو جي هٿرادو کوٽ ۽ اٽو 150 کان 170 رپيا ڪلو وڪرو ٿيڻ خلاف  ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ روشن علي ٻرڙو ، دريا خان لغاري، اصغر سولنگي ، اصغر شاهاڻي ، محمد صفر ڀنڊ ، شبير ٻرڙو علي رضا چنا جي اڳواڻي ۾ ٻرڙا هائوس ڀان کان سوين قومي ڪارڪنن جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب ڀان اڳيان ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪندي سنڌ حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪري نعريبازي ڪئي ، اڳواڻن چيو ته  سنڌ حڪومت دعويٰ ٿي ڪري ته سنڌ ۾ اٽو 75 رپيا ڪلو ملي رهيو آهي پر افسوس پوري سنڌ ۾ سرڪاري ڪابه اسٽال نظر نٿي اچي ، سنڌ ۾ اٽو مهانگو ڪري مذدور ڏهاڙي دار پورهيتن کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي، لاڙڪاڻي ۾ پارٽي جهنڊا ۽ بئنر کڻي “اٽو ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا”، چور ڀڄايو، سنڌ بچايو”، نانگ ڀڄايو، سنڌ بچايو” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا،  ان موقعي تي ضلعي صدر ڊاڪٽر مظهر مغل، سيد مظفر شاهه، شيبا مغل، طالب مغل، خورشيد ڪيهر، آفتاب سنڌي گهانگهرو، تعلقي ڏوڪري جي صدر خالد جوڻيجو، صابر جروار، مشتاق سنديلو، غلام رسول شيخ، سياف ضلعي اڳواڻ سليمان مڱڻ، محمد علي کوسو، صدر ڀٽي ۽ ٻين خطاب ڪيو، خيرپور ۾ ريلي جي اڳواڻي ايڊوڪيٽ فياض خميساڻي ´ايڊوڪيٽ سجاد سولنگي ،عابد علي سومرو  ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا،جن صحافين کي ٻڌايو ته سنڌ سميت خيرپور ۾ هٿرادو پيدا ڪيل مهانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ اٽي جو ريٽ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳو آھي ،ڪورنگي ۾ ضلعي صدر امير جان چانڊيو، طارق جتوئي، خالق چانڊيو، سهيل ڀٽي، حفيظ لاشاري ۽ جمعو خان سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي ڪرپشن کي لڪائڻ  لاءِ ۽ سنڌي ماڻهن کي اٽي جي لاءِ روڊن تي بهاري دنيا جي مددگار اين جي اوز کان فنڊ وصول ڪرڻ چاهين ٿا، ميھڙ ۾ به تعلقا سيڪريٽري حبيب حضوري ۽ حاجي خان مارفاڻي، محمد عرس سوڍر جي اڳواڻي ۾،ميرپورماٿيلو ۾ اڪرم علي ميتلو، ڪمال مھر، محمد عمر ڀيو، شرف دين انڙ، ۽ ٻين جي  اڳواڻي ۾،سڪرنڊ ۾چنگل خان انڙ، شهمير جمالي، اڪبر علي مھر، محمد خان گدارو، قاسم سومرو، سارنگ ڪيريو،  شوڪت ميمڻ، وسيم ڪيريو، سرور مري، بشير ڪيريو، قربان مگسي، حاجي خان ڪيريو، اياز ماڇي، مالڪ نوناري، بچل ڏھيو، حضوربخش نوناري ،مختيار عمراڻي، سليمان ملاح، جمن مھر، حبدار شاھ ،سيوهڻ ۾ نواز رند، مريد بروھي، فريد ٻگھيو، محمد خان سولنگي ،نصير آباد ۾  فقير علي گل ڪانڌڙي، ڪامريڊ زين نوناري، قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر ڪامريڊ اڪبر خاصخيلي، وقار رضا چولياڻي، ايس يو پي سٽي نائب صدر عرفان علي شيخ، سياف تعلقي صدر وڪيل اوڍاڻي، منصور ڪاٺئي، غلام رسول پهوڙ، مانجھي چني، حفيظ تنيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، اڳواڻن  چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪرپٽ صوبائي حڪومت ڪڻڪ افغانستان اسمگل ڪري رهي آهي ٽنڊي آدم ۾ ايس يو پي ۽  سنڌ پاڪ تحريڪ پاران محمدي چوڪ کان عوامي پريس ڪلب تائين ڪامريڊ محمد خان پنهور، شاهجهان جوڻيجو، امداد چانڊيو ، سرور ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو  ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ پ پ حڪومت ناڪام ٿي چڪي آھي اٽي جي ٿيلهي لاءِ غريب ماڻھو فلور ملز تي  اڃ ۽ بک ۾ بيھي بيهي واپس گهرن ڏي وڃن ٿا پر کين اٽو نٿو ملي دوڙ ۾ ڊاڪٽر مجاهد رستماڻي، امان الله بروهي، فقير غلام الني مانجھائي، منٺار لاشاري، سيد ابراهيم شاهه جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو شھدادڪوٽ ۾ حمل خشڪ حاڪم مستوئي، رميز تونيو، الھداد خشڪ، آصف لاشاري، لياقت کوسو،سڪندر خشڪ، رزاق جوڻيجو ۽ اويس خشڪ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.