ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 148 ڪيس ، 199 گرفتاريون

ڪراچي (رپورٽر) گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪراچي جي 7 ضلعن ۽ 108 پوليس ٿاڻن جي حدن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 148 ڪيس سامهون آيا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته اسٽريٽ ڪرائم جي 148 ڪيسن مان ضلعو اوڀر  46 ڪيسن سان سڀ کان مٿي رهيو ۽ ڪورنگي 22 ڪيسن سان ٻئين نمبر تي آهي. ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو پاران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي خميس ڏينهن 24 ڪلاڪن جي ڏوهن جي صورتحال جي رپورٽ موڪلي وئي. رپورٽ موجب شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 148 ڪيس رپورٽ ٿيا جن ۾ 59 موبائيل فون/نقدي چوري، 4 ڪار چوري، 11 موٽرسائيڪل ڇنڻ ۽ 74 موٽرسائيڪل چوري شامل آهن. اسٽريٽ ڪرائم جي 148 ڪيسن مان ضلع اوڀر ۾ 46، ڪورنگي 22، ملير 9، اوڀر 28، اولهه 14، سٽي 5، ڏکڻ ۽ ڪيماڙي ۾ 12-12 ڪيس رپورٽ ٿيا. ڦرلٽ دوران مزاحمت تي اسٽريٽ ڪرمنلن ٽن ڄڻن کي زخمي ڪيو  وڏي وزير سٽي پوليس کي هدايت ڪئي ته هو ڪومبنگ آپريشن جاري رکي ۽ گهٽين ۾ ڏوهن تي ضابطو آڻي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.