ملڪ ۾ ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا موجود آهن، صوبا گورننس بهتر بڻائن:وزيراعظم

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا موجود آهن، ملڪ ۾ ڪنهن کي ڪڻڪ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري ناجائز منافعي خوري جي اجازت نه ڏينداسين، حڪومت غريب عوام جي لاءِ اٽي جي هٿرادو کوٽ سان مهانگائي پيدا ڪندڙن کي سخت سزا ڏيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم پنهنجي صدارت هيٺ ملڪ ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي هٿرادو کوٽ ۽ ذخيره اندوزن ۽ ناجائز منافعي خوري جي حوالي سان اعليٰ سطح جي هنگامي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. اجلاس ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، لاڳاپيل وفاقي اعليٰ عملدارن ۽ صوبائي چيف سيڪريٽرين شرڪت ڪئي وزيراعظم هدايت ڪئي ته صوبا پنهنجي ۽ پاسڪو جي ذخيرن مان ڪڻڪ جي فلور ملز تائين وقت سر پهچ يقيني بڻائين. صوبا ڪڻڪ جي وقت سر پهچ جي لاءِ پنهنجي گورننس بهتر بڻائين. لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي ادارا اٽي ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزن جي خلاف سخت قدم کڻن. حڪومت غريب عوام جي لاءِ اٽي جي هٿرادو کوٽ سان مهانگائي پيدا ڪندڙن کي سخت سزا ڏيندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.