پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي ايڊوائس گورنر کي ناهي ملي: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي ايڊوائس گورنر پنجاب کي ناهي ملي، اسان جي پارٽي ۾ مضبوط راءِ هئي ته انهن کي اسيمبليون ٽوڙڻ ڏيو، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اسان اسيمبلي ٽوڙڻ جي حق ۾ ناهيون، پرويز الاهي اڄ اسان جي هڪ سينئر اڳواڻ کي فون ڪيو ۽ چيو ته بي اعتمادي رٿ آڻيو ته جيئن اسيمبلي نه ٽٽي، هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ سياسي انجنيئرنگ ناهي ڪئي، عمران خان ڪوڙ پيو ڳالهائي، الزام هو ته اسان ميمبرن کي پئسا ڏنا، اهو الزام ڪيڏانهن ويو؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.