جنيوا ڪانفرنس ۾ امداد نه قرض ورتو ويو آهي: سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي جي امير  سراج الحق چيو آهي ته جنيوا ڪانفرنس ۾ امداد نه پر قرض ڏنو ويو آھي  قوم کي ان جي شرطن کان آگاهه ڪيو وڃي. حڪمرانن جي سمورن مسئلن جي چاٻي وياج تي قرض ۽ قرضن تي وڌيڪ قرض وٺڻ آهي، هن چيو ته پي ڊي ايم ، پ پ ۽ پي ٽي آءِ جي روپ ۾ ڪرپٽ ٽرائيڪا نه غير ترقياتي خرچ گهٽائڻ لاءِ تيار آهن ۽ نه ئي ڪرپشن، پروٽوڪول ۽ وي آءِ پي ڪلچر کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا، هن چيو ته 150پارٽين جون وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ملڪ ۾ استحڪام نه آڻي سگهيون. مهانگائي، بيروزگاري جو طوفان جاري آهي، معيشت، صنعت، زراعت تباهه ٿي چڪي آهي ادارا ڪمزور آهن قوم قرضن ۾ ٻڏي وئي آهي ۽ هر ڪو پريشان آهي، هن چيو ته ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن هو ڪنهن به قسم جو دٻاءُ قبول نه ڪندا. ايم ڪيو ايم متحد هجي يا الڳ، شڪست کان بچي نٿي سگهي، ڪراچي جي عوام شهر کي تباهه ڪرڻ وارن کي سڃاڻي ورتو آهي. ڪراچي جي عوام کي گذارش آهي ته جماعت اسلامي تي ڀرپور اعتماد جو مظاهرو ڪري مڪاني چونڊن ۾ جماعت اسلامي کي ڪامياب ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.