دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان 25 سال سزا آيل 2 جوابدار بري

سکر (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بينچ سکر ۾ نوشهري فيروز جي عدالت پاران سال 2015 ۾ پوليس اهلڪار کي گوليون هڻي زخمي ڪري هٿيار ڦر ڪرڻ واري ڪيس جوابدار ٻن ڀائرن ممتاز علي ۽ روشن علي کي پنجويھ سال قيد جي سزا خلاف پنهنجي وڪيل شبير علي بوزدار معرفت داخل اپيل جي ٻڌڻي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس سيد ارشاد علي شاھ جي عدالت ۾ ٿي جتي سزا آيل جوابدارن جي وڪيل شبير علي بوزدار عدالت کي ٻڌايو ته نوشهروفيروز پوليس سياسي مخالفت دشمني جي بنياد تي ٻن ڀائرن ممتاز علي ۽ روشن علي سان گڏ سندن والد ۽ هڪٻئي جوابدار خلاف پوليس اهلڪار کي زخمي ڪري سرڪاري هٿيار ڦر ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو جڏهن ته ان معاملي سان منهنجي اصيلن جو ڪوبه واسطو نه هو جڏهن ته نوشهروفيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڻپورن ثبوتن تحت پنجويھ سال سزا سال 2015 ۾ ٻڌائي آهي جنهن سبب ٻئي جوابدار بيگناھ جيل ۾ آهن هن عدالت کي ثبوت فراهم ڪندي استدعا ڪئي ته جوابدارن کي آزاد ڪري دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوشهروفيروز جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي باعزت بري ڪيو وڃي، جڏهن ته  سرڪاري وڪيل نوشهروفيروز جي عدالت کي درست فيصلي جا دليل ڏيندي داخل اپيل خارج ڪرڻ جي استدعا ڪئي، اپيل جي ٻڌڻي ڪندڙ جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس سيد ارشاد علي شاھ ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد دهشتگردي ٽوڙ عدالت نوشهروفيروز جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي ٻنهي ڀائرن ممتاز ۽ روشن علي ماڇي کي باعزت بري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.