لاهور(م ڊ) چوڌري پرويز الاهي جي پٽ مونس الاهي پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي نئين سمري سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي، مونس الاهي اسيمبلي ٽوڙڻ جي ايڊوائس جو عڪس سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو، جنهن ۾ پنجاب اسيمبلي جو مونوگرام موجود آهي ۽ ان ۾ تاريخ تي اوور رائٽنگ به نه آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مونس الاهي چيو ته واعدو پورو ڪري ڇڏيو، اميد آهي ته عمران خان کي جلد ڪرسي تي ڏسنداسين،