پرويز الاهي کي اعتماد جو ووٽ ملڻ تي نواز ۽ مريم سخت ڪاوڙيل

لاهور(م ڊ) وزيراعليٰ پنجاب پرويز الاهي جي اعتماد جو ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ تي ن ليگ جو قائد نوازشريف ۽ چيف آرگنائزر مريم نواز پارٽي جي صوبائي قيادت تي سخت ڪاوڙيل آهن، پارٽي ذريعن مطابق نوازشريف معاملي تي فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي، نوازشريف پڇاڻو ڪيو ته پارٽي قيادت کي آگاهه ڪيو ويو هو ته تحريڪ انصاف جا گهٽ ۾ گهٽ 7 ناراض ميمبر پي ڊي ايم سان رابطن ۾ آهن، ناراض ميمبر ڪيئن ووٽنگ لاءِ پهچي ويا، انهن کي مينيج ڇو نه ڪيو ويو، راڻا ثناءُ الله نوازشريف ۽ مريم نواز کي معاملي تي شروعاتي رپورٽ پيش  ڪندي مريم نواز جي فوري وطن واپسي جي تجويز ڏئي ڇڏي، هن چيو ته مريم نواز فوري وطن واپس نٿي اچي ته پارٽي کي نقصان ٿي سگهي ٿو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.