شهباز گل جي خلاف ڪيس ختم ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ تحريڪ انصاف جي شهباز گل جي خلاف ڪيس ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .سنڌهاءِڪورٽ جي نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي .عدالت ۾ پوليس جي پاران سي ڪلاس جي رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻڌايو آهي ته جذيشنل مجسٽريٽ ڪيس کي سي ڪلاس ڪري ڇڏيو آهي .عدالت رپورٽ منظورڪندي ڪيسن کي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏيو آهي .درخواستگذار شهباز گل جي وڪيل چيو ته شهباز گل تي ڪوڙيون ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون آهن .يادرهي ته قانون نفاذڪندڙن ادارن جي خلاف چڙڏيايندڙ تقرير جي حوالي سان 3ايف آءِ آرداخل ڪيون ويون هيون .

وزيراعظم برطانيا ۽ جرمني جي امداد تي ٿورائتو

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جنيوا ڪانفرنس ۾ اضافي 9 ملين پائونڊ جي واعدي تي اسان برطانيا جا ٿورائتا آهيون. هوڏانهن  وزيراعظم ڪانفرنس دوران جرمني پاران 88 ملين يورو امداد جي واعدي تي ٿورا مڃيا آهن. عالمي يڪجهتي ۽ حصيداري سان اسان نئين سر تعمير کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.