لاهور ( عمران شفقت ) پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ جي پرويز الاهي ۽ عمران خان کي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، نامياري صحافي موجب پرويز الاهي ملڪ جي طاقتور حلقن ۽ (ق) ليگ جي ايم پي ايز توڙي پي ٽي آءِ ۽ اتحادين جي ايم پي ايز سان اسيمبلي نه ٽوڙڻ جو واعدو ڪيو هو ، جيڪڏهن عمران خان جي دٻاءُ ۾ پرويز الاهي ان واعدي تان ڦري ويو آهي ته پوءِ نه صرف پرويز الاهي پر عمران خان کي به وڏي سياسي قيمت ادا ڪرڻي پوندي