ڊجيٽل آدمشماري خلاف عدالتي محاذ جو اعلان، ڌاريا پ پ کي ڳچيءَ ۾ پوندا: قانوندان

حيدرآباد(رپورٽ: حسيب لطيفي) سنڌ جي ناميارن قانوندانن، ملڪ ۾ وقت کان اڳ آدمشماري ڪرائڻ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪندي سنڌ جي ساڃاھھ وند ڌرين سان سياسي محاذ سان سميت عدالتي محاذ تي بھ گڏيل جدوجھد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. ھنن ڊجيٽل آدمشماري کي حڪمران ڌرين پاران اسيمبلي جون سيٽون وڌائڻ جي لاءِ سنڌ تي مڙھيل لکين ڌارين کي قانوني طور تي سنڌ جو شھري بنائڻ جي سازش قرار ڏيندي چيو آھي تھ ھي آدمشماري آئين جي خلاف ورزي آھي، سپريم ڪورٽ ان جو نوٽيس وٺي، ھن وقت اسيمبلين ۾ سنڌ دشمن قانونسازي ٿي رھي آھي، پناھگيرن کي نيڪالي ڏئي پاڻ مٿان پيل بار لاھڻ بجاءِ حڪمران انھن کي تحفظ ڏئي رھيا آھن. ان سلسلي ۾ ڊجيٽل آدمشماري جي حوالي سان عوامي آواز پاران ڪيل سروي ۾ اڳوڻي شاگرد اڳواڻ ۽ نامياري قانوندان ماما يوسف لغاري ڳالھائيندي چيو تھ وقت کان اڳ ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ غير قانوني ۽ آئيني طور تي انتھائي غلط عمل آھي، ڊجيٽل آدمشماري جو مطلب رڳو ڳڻپ ئي آھي، باقي ان کي آدمشماري چوڻ ئي غلط آھي، ڊجيٽل آدمشماري جو اھو مطلب ناھي تھ توھان غير مقامي ماڻھن کي ھتان جي شھريت ڏئي ڇڏيو، آدمشماري ۾ پناھگيرن جو خانو الڳ ھجڻ گھرجي، غير ملڪي آھي تھ ان کي غير ملڪي ئي لکو، ٻي صوبي کان آيل آھي ان کي ٻي صوبي جو ماڻھو ئي لکڻو پوندو، سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ کانسواءِ شفاف آدمشماري نٿي ٿي سگھي. ھن چيو تھ ھن وقت ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ جو مقصد ھڪ ڌر کي خوش ڪرڻ آھي، ايم ڪيو ايم جي چوڻ تي ڊجيٽل آدمشماري ٿي رھي آھي، ضياءَ ۽ مشرف جي دور ۾ ايم ڪيو ايم جون سيٽون وڌائڻ جي لاءِ اھڙو عمل ڪيو ويو ھو، ھاڻ ھڪ ڀيرو ٻيھر اھڙي سازش ٿي رھي آھي، ھن آدمشماري جي بنياد تي ڪي شفاف چونڊون بھ نٿيون ٿي سگھن. ھن چيو تھ حڪمرانن کي واضح ڪرڻو پوندو تھ ڌارين کي سنڌ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ، ڊوميسائيل، پي آر سي ۽ ملڪيت خريد ڪرڻ جو حق نھ ھجڻ گھرجي، پر سنڌ اھو واحد صوبو آھي جتي ڌارين کي اھي سموريون سھولتون حاصل آھن، ڇو تھ ڌاريا تھ رڳو سنڌ ۾ ئي آھن. ھن چيو تھ ھي انتھائي اھم مسئلو آھي سنڌ جي ماڻھن کي متحد ٿيڻو پوندو، نامياري قانوندان ۽ عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو چيو تھ پاڪستان جون عدالتون عام طور تي ڪنھن جي ذات سان جڙيل ننڍن ننڍن مسئلن تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏين ٿيون، پر ھن وقت آئين جي خلاف ورزي ڪندي ھڪ جماعت کي خوش ڪرڻ جي لاءِ وقت کان اڳ ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي پئي وڃي ۽ ان تي ڪو بھ نوٽيس نٿو ٿئي. ھن چيو تھ آئون نٿو سمجھان تھ پاڪستان جون عدالتون ايتريون خودمختيار ٿي ويون آھن جيڪي قومن جي حقن وارن مسئلن تي فيصلو ڏئي سگھن، ھزارين ماڻھو روڊن تي ھوندا آھن پر عدالتون خاموش ھونديون آھن. ھن چيو تھ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جي پھرين ڏينھن کان وٺي منصوبابندي تحت سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڌارين کي آباد ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، جيڪو اڄ ڏينھن تائين جاري آھي، 51ع کانپوءِ سنڌ ۾ ڌارين جي جيڪا بھ آبادڪاري ڪرائي وئي آھي اھا غير قانوني آھي، سنڌ جي شھرن تي ھٿ وٺي قبضا ڪرايا ويا آھن. ھن چيو تھ سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ ڌارين جي آبادڪاري ۾ سنڌي ماڻھن جي ووٽ سان اقتدار ۾ ايندڙ جماعت پيپلزپارٽي ملوث آھي، 14 سالن کان سنڌ ۾ ھنن جي حڪومت آھي پر اڄ حالت اھا آھي تھ ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگرد داخلا نٿا وٺن سگھن، ڪراچي ۾ سنڌي آفيسرن جي مقرر ٿيڻ تي پيپلزپارٽي جي اتحادي جماعت ايم ڪيو ايم گوڙ ٿي ڪري تھ ھي آفيسر ڇو مقرر ٿيا آھن، ايم ڪيو ايم وارن ڪڏھن بنگالين، برمين، افغانين ۽ ٻين ڌارين جي آبادڪاري تي ھڪ لفظ ۾ زبان مان ناھي ڪڍيو. ھن چيو تھ سنڌ اسيمبلي سنڌ ۽ سنڌين کي قانوني ۽ آئيني تحفظ ڏيڻ بجاءِ سنڌين جي رستا روڪ ڪرڻ وارو ڪردار ادا ڪري رھي آھي، جن کي سنڌي ماڻھو پنھنجو نمائندو بڻائي اسيمبلين ۾ موڪلين ٿا اھي سنڌ ۽ سنڌين خلاف قانونسازي ڪندي نظر اچن ٿا. ھن چيو تھ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊيل ايم اين اي جيڪو پاڻ غير مقامي ماڻھو آھي ان کي اھا تڪڙ ٿي پئي آھي تھ سنڌ ۾ ڌارين کي بنا دير قانوني تحفظ ملڻ گھرجي، پيپلزپارٽي پنھنجو رويو درست ڪري نھ تھ ووٽ جي لالچ ۾ ھو جن ڌارين کي ھتي آباد ڪرائي رھي آھي اھي ئي سندن ڳچيءَ ۾ پوندا، پيپلزپارٽي ڇو اسيمبلي ۾ سنڌين جي حق ۾ قانونسازي نٿي ڪري، پي آر سي سبجڪيٽ تھ صوبائي آھي ان تي ڇو پيپلزپارٽي قانونسازي ناھي ڪئي. ھن چيو تھ شاھوڪار سنڌ جا ماڻھو اٽي جي لاءِ مري رھيا آھن، عورتن ۽ ٻارڙن کي پنڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي، نامياري قانوندان ايڊووڪيٽ مير احمد مڱريو چيو تھ جنھن آدمشماري جي بنياد تي اين ايف سي  سميت ٻين معاملن تي وفاق سان معاملا طئھ ٿيڻا ھوندا آھن اھا آدمشماري ئي جيڪڏھن غير آئيني ۽ غير قانوني ٿيندي ھجي تھ پوءِ ڪيئن معاملا طئھ ٿيندا. ھن چيو تھ آئيني طور تي آدمشماري جي لاءِ 10 سالن جو عرصو مڪمل ٿيڻ جو شرط ھوندو آھي، جيڪڏھن ان عرصي کان اڳ آدمشماري ٿئي ٿي تھ ان کي غير آئيني تصور ڪيو ويندو، اسان کي ھن معاملي تي عدل جي فورم سان رابطو ڪري سپريم ڪورٽ ۾ ھڪ درخواست داخل ڪرائڻ گھرجي. ھن چيو تھ ڊجيٽل آدمشماري سنڌ جي خلاف مسلسل سازشن جي ھڪ ڪڙي آھي، جنھن جو مقصد صرف سنڌين کي سنڌ ۾ اقليت ۾ تبديل ڪري حق حڪمراني کان سدائين جي لاءِ محروم ڪرڻ آھي. ھن چيو تھ ڊجيٽل آدمشماري ۾ اھو واضح ناھي تھ ڌارين کي ڪيئن ڪيٽگرائيز ڪيو ويندو، آدمشماري ۾ اھو ڊڪليئر ڪيو وڃي تھ جيڪي ماڻھو ھتي غير قانوني طور تي ترسيل آھن اھي پناھگير آھن. حيدرآباد ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ غلام الله چانگ چيو تھ آدمشماري سڃاڻپ ڪارڊ تي بنياد تي ئي ٿيندي آھي، پر ان جي ابتڙ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪيو ويو آھي ۽ ھتي رھندڙ ڌارين جي لاءِ ڪو فريم ورڪ نھ ڏنو ويو آھي تھ انھن کي ڪيئن ڳڻيو ويندو، ڇا انھن کي ھتان جو شھري تصور ڪيو ويندو يا پناھگير تسليم ڪيو ويندو. ھن چيو تھ آئيني ۽ قانوني طور تي ھن ڊجيٽل آدمشماري خلاف قانوني جنگ وڙھڻ جي لاءِ سنڌ وٽ ڪيترائي اھم نقطا موجود آھن، جنھن ۾ وقت کان اڳ آدمشماري ڪرائڻ بھ شامل آھي. ھن چيو تھ آدمشماري ۾ عملي کي اھو غير مقامي ماڻھن کان پڇڻو پوندو تھ توھان ھتي ڇو ۽ ڪئين آيا آھيو. ھن چيو تھ آدمشماري سڄي ملڪ ۾ ٿيندي، ٻين صوبن جو موقف بھ سامھون ايندو، پر سڀ کان وڌيڪ خدشا تھ سنڌ جا آھن ڇو تھ ڌاريا رڳو سنڌ ۾ ئي رھن ٿا ٻين صوبن سان اھو مسئلو ناھي. ھن چيو تھ اسان آئيني ۽ قانوني جدوجھد ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جي ماڻھن سان گڏ ھونداسين. حيدرآباد ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نائب صدر ايڊووڪيٽ اندرجيت لوھاڻي چيو تھ ڊجيٽل آدمشماري ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪري سنڌ دشمن عناصر سنڌ ۾ موجود سمورن ڌارين کي آدمشماري ۾ڳڻائي انھن کي ھتان جو شھري تصور ڪرڻ بعد جن ڌارين جو سڃاڻپ ڪارڊ يا ڊوميسائيل نھ ٺھي سگھيو آھي ان کي ڊوميسائيل ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري ڇڏيندا، غير آئيني طور تي ٿيندڙ ھي آدمشماري سنڌ جي خلاف ھڪ وڏي سازش آھي، سنڌ جي ماڻھن کي متحد ٿيڻ گھرجي ۽ سمورين سنڌ دوست سياسي جماعتن کي گڏيل طور تي جدوجھد شروع ڪرڻي پوندي، قانوني مورچي تي اسان سنڌ جي سڄاڻ ڌرين سان جدوجھد جي ميدان تي ھونداسين. ھن چيو تھ ڊجيٽل آدمشماري جي فارم ۾ اقليتن جي حوالي سان الڳ خانو رکڻ سان گڏ انھن جي ٻولين جا خانا رکيا ويا آھن، جنھن جو مقصد رڳو اھو ئي آھي تھ سنڌ ۾ ماڻھن کي منجھائي انھن جي ٻوليءَ واري خاني ۾ سنڌي ٻوليءَ بجاءِ ٻي ٻولي لکرائجي. ھن چيو تھ سنڌ ۾ آباد مذھب ٿورائي وارا ماڻھو ئي اصل ڌرتي ڌڻي آھن انھن کي ٽيڪنيڪل انداز ۾ ڌار ڪري ڏيکارڻ جي لاءِ اھڙي سازش ڪئي وئي آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.