حيدرآباد: سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن پاران اڄ ڊجيٽل آدمشماري ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪرڻ خلاف ۽ سنڌ جي خدشن تي ٻڌل قرارداد پاس ڪئي ويندي. بار جي نائب صدر ايڊووڪيٽ اندرجيت لوھاڻي ٻڌايو تھ اڄ اسان حيدرآباد ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن طرفان ڊجيٽل آدمشماري ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪرڻ خلاف ۽ ڌارين جي آبادڪاري سميت آدمشماري سان جڙيل ٻين اھم معاملن تي سنڌ جي خدشن جي بنياد ھڪ قرارداد پاس ڪنداسين ۽ حڪومت آڏو پنھنجا مطالبا رکنداسين.