نوان صوبا نه ٺهندا،سنڌ ۾ رهندڙ ٻين صوبن جي ماڻهن کي به ڳڻپ ۾ شمار ڪيو وڃي: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ستين مردم شماري ۾ پاڪستان جو شناختي ڪارڊ رکندڙ سنڌ ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن کي ڳڻپ ۾ شمار ڪري غيرقانوني پرڏيهين کي الڳ خاني ۾ رکيو وڃي ۽ ووٽ جو حق صرف انهن کي حاصل آهي جن وٽ پاڪستان جو شناختي ڪارڊ هجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه پنهنجي رهائشگاهه تي پي ٽي آءِ جي لاڙڪاڻي سٽي جي اطلاعات سيڪريٽري عبدالرزاق ڏيرو جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪندي ڪيو. نثار کهڙي چيو ته پاڪستان جو شناختي ڪارڊ رکندڙ جيڪي سنڌ ۾ رهن ٿا انهن سڀني کي سنڌ ۾ ئي ڳڻيو وڃي چاهي هڪ ڪلاڪ جو پيدا ٿيل نئون ٻار ئي ڇو نه هجي ان کي به سنڌ ۾ ڳڻيو وڃي پر ووٽ جو حق شناختي ڪارڊ ۾ موجود مستقل يا عارضي ايڊريس تي استعمال ڪرڻ جا آپشن موجود هجڻ گهرجن. هن چيو ته گذريل مردم شماري ۾ ووٽ جو حق مستقل ايڊريس تي شمار ٿيڻ سان سنڌ جي آبادي گهٽ ڳڻي وئي جنهن ڪري سنڌ جو اين ايف سي ۾ حصو گهٽ ٿيو ان ڪري جيڪي سنڌ ۾ رهن ٿا انهن سڀني کي ڳڻيو وڃي ته جيئن سنڌ جو اين ايف سي ۾ حصو وڌي سگهي. هن چيو ته ٻين صوبن جا ماڻهو جن وٽ پاڪستان جو شناختي ڪارڊ موجود آهي اهي پاڪستان جي ڪنهن به صوبي ۾ اچي وڃي سگهن ٿا ۽ رهائش به اختيار ڪري سگهن ٿا ۽ هو پاڪستاني آهن ان لاءِ سنڌ ۾ موجود ٻين صوبن جا ماڻهو جن وٽ پاڪستان جو شناختي ڪارڊ آهي ۽ هو سنڌ ۾ رهن ٿا ته انهن کي به آدمشماري ۾ سنڌ ۾ ئي ڳڻيو وڃي. هن چيو ته جن وٽ پاڪستان جو شناختي ڪارڊ ناهي چاهي هو برمي هجن يا ٻيا ڪير به هجن اهي غيرقانوني پرڏيهي آهن ان لاءِ آدمشماري ۾ غيرقانوني پرڏيهين جو الڳ خانو رکي انهن کي الڳ خاني ۾ ڳڻيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان کي بلدياتي چونڊن ۾ حصو وٺڻ گهرجي ڇاڪاڻ بلدياتي چونڊن جا ٻئي مرحلا مڪمل ٿيڻ سان اقتدار جي هيٺين سطح تي منتقلي ٿي ويندي. هن چيو ته تڪبنديون ڪرائڻ سنڌ حڪومت جو نه پر اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي ته پوءِ تڪبندين بابت پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جو ڪهڙو قصور آهي؟ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ نوان صوبا ٺاهڻ بابت وفاق کي ڪو به اختيار ناهي ڏنو ۽ نوان صوبا ٺاهڻ پيپلز پارٽي جي منشور ۾ ناهي ۽ اسان جو واضع موقف آهي ته سنڌ ۾ نئون صوبو ڪڏهن به نه ٺهندو ۽ آئين طور تي به آئين ۾ ترميم کان علاوه نوان صوبا نه ٿا ٺهي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته سکر جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثا رکڻ واري ڪيس کي ختم ڪري ڇڏيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.