غداري جا الزام هڻندڙ مصطفيٰ ڪمال ۽ فاروق ستار متحده ۾ واپس، مڪاني چونڊون ٿيڻ نه ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي(م ڊ)ڪيترن ئي سالن کان ڀڃ ڊاهه جو شڪار ۽ هڪٻئي تي سنگين نوعيت جا الزام هڻندڙ متحده جا ڌڙا ٻيهر متحد ٿي ويا آهن. ڪراچي ۾ خالد مقبول صديقي سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران مصطفيٰ ڪمال پي ايس پي کي متحده ۾ ضم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، بحالي ڪميٽي جي سربراهه فاروق ستار طرفان به ايم ڪيو ايم ۾ ضم ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي .پريس ڪانفرنس دوران عامر خان، انيس قائم خاني ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.متحده پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ڪراچي کي اصل وارثن کان کسڻ جو منصوبو جوڙيو ويو، اِن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجڻ جي ضرورت هئي .هن چيو ته اسان جي ڪوششن رنگ لاتو آهي، اسان جو مينڊيٽ ورهائڻ جي سازش ڪندڙن کي مايوسي ٿيندي، فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال جي آجيان ڪريون ٿا. متحده پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي چيو ته اسان جي وڏڙن پاڪستان ٺاهيو هو، هاڻي پاڪستان کي بچائڻ جي ذميواري به اسان پاڻ تي رکون ٿا. ان موقعي تي فاروق ستار چيو ته وفاق کان ڌار ٿيڻ گهرجي، صوبائي حڪومت کي ڏسڻ ئي نه گهرجي، ان موقعي تي خالد مقبول کيس پاليسي بيان ڏيڻ کان روڪي ورتو. فاروق ستار چيو ته شاهراهه فيصل تي ڌرڻو هڻو ته ڏسو ڪيئن ٿيون مڪاني چونڊون ٿين. مصطفيٰ ڪمال پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان شريف ٿياسين ته سڄو شهر ئي بدمعاش ٿي ويو، مقصد اهو ناهي ته زرداري جو قبضو ٿي وڃي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.