موجوده فوجي قيادت ۽ عمران وچ ۾ ڪي به ڳالهيون نه پيو ڪرايان: صدر

اسلام آباد(م ڊ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته موجوده حڪومت ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، مشڪل معاشي صورتحال ۾ ڌرين جي ذميواري آهي ته پاڪستان کي مشڪل مان ڪڍن، سياستدان گڏجي ويهي ڳالهه ٻولهه ڪن ته جيئن معاشي پاليسيون ۽ چونڊن جي صورتحال واضح ٿي سگهي، معيشت ۾ بهتري جي لاءِ لازمي آهي ته پاڪستان ۾ سياسي گرمي پد گهٽ ٿيڻ گهرجي، عمران خان ۽ موجوده فوجي قيادت جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جي ڳالهه ٻولهه نه ڪرائي رهيو آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي کي خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته اهو ڊائيلاگ عام چونڊن کان اڳ ٿيڻ ضروري آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي حڪومتي اتحاد ۽ پي ٽي آءِ جي وچ ۾ ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو ته منهنجي انهن کي به آڇ آهي ته گڏجي ويهڻ گهرجي، گهٽ ۾ گهٽ سياسي پارٽيون ئي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري وٺن، ان کانپوءِ پارٽيز جا وڏا ماڻهو به ملي سگهن ٿا. صدر چيو ته اسان جي ملڪ ۾ فيصلو ڪندڙ ماڻهو سوشل ميڊيا کي صحيح طريقي سان هينڊل نه ڪري رهيا آهن، انهن کي ان کي بهتر انداز ۾ هينڊل ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته منهنجي بطور صدر پاڪستان آئيني ذميواري آهي ته فيڊريشن کي گڏ ڪريان. صدر چيو ته ساڻس ٿيندڙ مشاورت ۾ عمران خان جنرل عاصم منير کي بطور آرمي چيف نامزدگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو هو صدر چيو ته ڪرپشن جا الزام هڻڻ جي صورت ۾ غيرسياسي، غيرجانبدار ۽ بااختيار اداري جي ذريعي جاچ ٿيڻ گهرجي، آئون محسوس ڪريان ٿو ته آءِ ايم ايف سان ٿيندڙ ڳالهين جي دورن جا مثبت نتيجا سامهون ايندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.