پنجاب جو عوام پي ٽي آءِ مان ڇوٽڪارو چاهي پيو: احسن اقبال

لاهور(م ڊ) وفاقي وزير خواجا سعد رفيق چيو آهي ته اقتدار لاءِ صوبائي اسيمبليون ٽوڙڻ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪري معاشي بحران وڌيڪ سنگين ڪرڻ جي سازش آهي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هاڻي مقابلو ميدان ۾ ٿيندو، بدنيتي سازش ۽ ڪوڙ چڪناچور ٿيندا، انشاءَ الله، هوڏانهن وفاقي وزير احسن اقبال فواد چوڌري جي بيان تي تبصرو ڪندي چيو ته توهان ته وفاقي حڪومت ختم ڪرڻ نڪتا هئا پنهنجي ئي حڪومت جو خاتمو ڪري خوشيون ملهائي رهيا آهيو، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته شڪريه عمران نيازي! پنجاب جو عوام ڊگهي عرصي کان پي ٽي آءِ حڪومت مان ڇوٽڪاري جو خواهشمند هو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.