ڪراچي(رپورٽر)جماعت اسلامي طرفان سنڌ ۾ اٽي جي بحران توڙي ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي خلاف خميس ڏينھن دادو ۽ جيڪب آباد ۾ ڌار ڌار احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا، جيڪب آباد ۾ محمد حسين محنتي مظاھري کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت مھانگائيءَ جي خاتمي توڙي عام ماڻھو کي ريليف ڏيڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي.حڪمرانن جي لاءِ شرم جهڙي ڳالھ آھي. جو زرعي ملڪ ۽ تيل گيس ڪوئلي سميت قدرتي دولت سان مالا مال سنڌ جو عوام اڄ اٽي لپ لاءِ به دربدر آھي، تبديلي تباھي جو باعث ۽ پي ڊي ايم ته وري اڳيون نور به چٽ ڪري ڇڏيو آھي. ان موقعي تي حافظ نصرالله چنا، عبدالحفيظ بجاراڻي ، مجاھد چنا، حاجي ديدار علي لاشاري ،دادو جو امير عبدالرحمان منـڱريو ، ھدايت الله رند ، محمد موسيٰ ٻٻر پڻ خطاب ڪيو.