عمران عام چونڊن جي راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي

لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان عام چونڊن لاءِ راهه هموار ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي،ذريعن جو چوڻ آهي ته عمران خان قومي اسيمبلي مان استعيفائن جي منظوري کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، هن هدايت ڪئي ته شاهه محمود ،فواد چوڌري، اسد عمر ۽ ٻيا اڳواڻ استعيفائن جي منظوري جي حڪمت عملي تيار ڪندا، ذريعن مطابق پي ٽي آءِ اڳواڻ قومي اسيمبلي اسپيڪر سان رابطا ڪندا، اسپيڪر آڏو پيش ٿي ميمبراستعيفائن جي منظوري جو مطالبو رکندا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.