يواي اي پاران پاڪستان کي وڌيڪ هڪ ارب ڊالر قرض ڏيڻ جو اعلان

ابوظهبي(م ڊ) گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان 2 ارب ڊالر جي موجوده قرض جي ادائيگي جي مدي ۾ واڌ (رول اوور) ۽ هڪ ارب ڊالر جو اضافي قرض فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه خميس ڏينهن ابوظهبي جي دوري جي پهرين ڏينهن گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪئي. يو اي اي جي صدر وزيراعظم جي ابوظهبي آجيان ڪندي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ، حصيداري جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي گڏيل عرب امارات جي صدر 2 ارب ڊالر جي موجوده قرض جي ادائيگي جي مدي ۾ واڌ (رول اوور) ۽ هڪ ارب ڊالر جي اضافي قرض جي فراهمي تي به اتفاق ڪيو،وزيراعظم چيو ته گڏيل عرب امارات جي دوري جو مقصد واپاري، معاشي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ آهي. وزيراعظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا به خصوصي ٿورا مڃيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.