ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون روڪڻ بابت متحده جي درخواست رد

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي ۽ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اليڪشن ڪميشن جي ڪورم مڪمل نه هجڻ ۽ مڪاني کاتي چونڊن کي روڪڻ جي حوالي سان سمورين ڌرين جادليل ٻڌڻ کان پوءِ درخواست رد ڪري ڇڏي آهي .ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حسن اڪبر پنهنجي موقف ۾ چيو ته ايم ڪيوايم پاڪستان درخواست پهرين به هاءِ ڪورٽ رد ڪري چڪي آهي .سنڌهاءِ ڪورٽ جي 14نومبر جي فيصلي موجب فيصلو ڏنو وڃي .ايم ڪيو ايم پاڪستان هئي موقف پهرين به ٻڌائي چڪي آهي .ايم ڪيوايم هن فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلنج نه ڪيو آهي .هڪ  ئي درخواست مختلف بئنچن ۾ داخل ڪئي پئي وڃي..ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته اليڪشن ڪميشن جي 29 اپريل 2022ع جي نوٽيفيڪيشن کي چئلينج ڪيو آهي .هن نوٽفيڪشن جي قانوني حيٽيت جي حوالي سان هاءِ ڪورٽ فيصلو ڏئي چڪي آهي ..اليڪشن ڪميشن جي ڪورم جي معاملي کي مشڪوڪ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ،وڪيل ايم ڪيوايم  چيو ته ڪورم اهم معاملو اهي .عدالت چيو ته  اوهان هي چاهيو ٿا ته پهرين مرحلي جون چونڊون رد ڪيون وڃن .  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.