نئين آدمشماري تي اسان کي خدشا آهن: مظهر راهوجو

ڊگهڙي (ن ع آ) سنڌ ۾ معاشي حالتون انتهائي خراب آهن سنڌ جا ماڻهو اٽي جي لپ لاءِ پريشان آهن اهڙن خيالن جو اظهار قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري  مظهر راهوجو پريس ڪلب ڊگهڙي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو ،هن چيو ته  سنڌ انتهائي بدترين دور مان گذري پئي 15 جنوري تي ٿيندڙ بلدياتي اليڪشن ۾ قومي عوامي تحريڪ ڀرپور حصو وٺي رهي آهي سنڌ ڪنهن جي جاگير نه آهي عوام سوچي سمجهي پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪري هن چيو تي نئين ٿيندڙ آدم شماري تي اسان جا گهڻا خدشا آهن سنڌ جي عوام کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ان موقعي تي ارباب نوحاڻي،اويس شوڪت نوحاڻي،منير نوحاڻي،بچل احمداڻي،مير ايوب ٽالپر ۽ پڻ موجود هئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.