ٺل جي مختلف سينٽرن تي عورتن جي وظيفي مان ڪٽوتي

ٺل ( ن ع آ ) ٺل بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت آيل رقم ڊوائز هولڊر ۽ ايجنٽ مستحق عورتن کي ٻنھي ھٿن سان ڦرڻ لڳا جنهن ۾ باهو  کوسو، ڳڙھي حسن سرڪي، ميرپور ٻرڙو، مبارڪپور جونگل، نظرواهه ٻين مختلف جڳهن تي غريب يتيم بيواھ عورتن کان 500 کان 1000 تائين ڪٽوتي جاري آهي،  جنهن ۾ پوليس جو حصو پتي مقرر آھي، ڪجهه صحافي جو حصو،   بئنڪ اندر ايجنٽ به مقرر آھن، جيڪي گارڊن کي به ڌمڪائين ٿا، افسوس ته ٺل انتظاميه ڪنهن به قسم جو نوٽيس وٺڻ لاءِ  تيار ناهي ۽ سري عام عورتن جي تذليل ڪئي پئي وڃي، نياڻين جي وچ ۾ بيٺل ايجنٽن طرفان عورتن جي تذليل ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.