ميرپور ٻرڙو ( ن ع آ ) ميرپور ٻرڙو ويجهو ٺل، جيڪب آباد مين روڊ پوليس پڪٽ وٽ ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمھون سامھون زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ ميرجان جعفري جا رهواسي هڪ عورت مسمات ڪونج 2 نينگر حمزو، ميزان ۽ محمد علي لاشاري، رسول بخش جت زخمي ٿي پيا. جن کي تعلقي اسپتال ٺل منتقل ڪيو ويو.