ڄامشورو ۾ بدامني، واپاري يرغمال، چار لک ڦر

ڄامشورو  (ڊ ر ) ڄامشورو وچ شهر ۾ پوليس پوسٽ ڦاٽڪ جي چند قدم ويجھو قائم راحيل ميڊيڪل اسٽور تي ٻن هٿياربندن ڪاھ ڪري  اسٽور مالڪ راحيل قريشي کي يرغمال ڪري تشدد جو نشانو بڻائي  هٿيارن جي زور تي چار لک روپيا روڪ رقم ۽ ٻه موبائيل فون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا  پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود نه بروقت پوليس  پهتي ، شهرين ۽ واپارين جو پوليس تان اعتماد کڄي ويو واپارين ۽ دڪاندار طرفان ڦر ڪيل رقم واپس نه ٿيڻ جي صورت ۾ شهر سميت سموري ضلعي اندر شٽربند هڙتال جي ڪرڻ جو چتاء ڏنو آھي، ھوڏانھن انڊس ھاءِ وي تي ڪراچي کان لاڙڪاڻي پرچون جو سامان کڻي ويندڙ ٽرڪ مان لکين روپين جي ماليت جو سامان نامعلوم چور آساني سان لاھي فرار ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.