وسيلا وفاق حوالي ڪرڻ ۽ نوان صوبا ڪميٽي خلاف عوامي تحرڪ جي سڏ تي مظاهرا

سانگهڙ/  جهول (پ p)  سنڌين جون زمينون، سامونڊي پٽي، تيل، ڪوئلو، گئس ۽ اختيار وفاق حوالي ڪري ون يونٽ مسلط ڪرڻ واري سنڌ اسيمبليء جي قرارداد، خورشيد شاهه جي قيادت ۾ جوڙيل نوان صوبا ڪميٽي،  بدنيتي تي مبني ڊجيٽل آدشماري ڪري ڌارين کي سنڌ جو شهري ڪري ڳڻڻ، اٽي جي ڳاٽي ٽوڙ اگهه، پيپلز پارٽي جي ايم اين اي قادر مندو خيل طرفان ڊوميسائيل پاليسي ۾ تبديل آڻڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ ترميمي بل آڻڻ ۽ سنڌ ۾ ڪشميرن لاءِ خاص وزارت قائم ڪرڻ خلاف ۽ سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي لاء  عوامي تحريڪ طرفان ضلعي سانگهڙ جو  جو اعلانيل وصل مارچ ٻئي ڏينهن به جاري. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر سڀاني ڏاهري، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ستار رند، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن شمشاد لغاري، پريمي ڀيل، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ علي نواز ڏاهري، عوامي تحريڪ ضلعي سانگهڙ جي صدر راڻو ڪنڊاڻي، عالم لغاري، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري غلام علي زئور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مارچ شاهپور چاڪر کان شروع ٿي کڏڙو، سانگهڙ شهر، جهول، رڪن ٻرڙا، لانڍي، شير لغاري ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پهتو جتي جي رهواسين اڳواڻن مٿان گلن جي ورکا ڪري مارچ جي شاندار آجيان ڪئي. اٽو مهانگو_ ڇو ڀلا؟. حڪمرانو جواب ڏيو_ غريب عوام سان ظلم جو حساب ڏيو. ڊجيٽل آدمشماري_نامنظور. بوگس آدمشماري_نامنظور. بدنيتي تي مبني آدمشماري_نامنظور. سنڌ جي زمينن جي نيلامي_ بند ڪريو. بحريا ٽائون_ نامنظور. ڊي ايڇ اي _نامنظور. ذوالفقار آباد_ نامنطور. سنڌ جي وسيلن جي نيلامي_ بند ڪريو. ڌارين کي_ ملڪ نيڪالي ڏيو. نون صوبن واري ڪميٽي_ نامنظور نامنظور جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا. احتجاجي ريلين کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ستار رند، راڻو ڪنڊاڻي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌ جا وسيلا ۽ زمينون وفاق حوالي ڪرڻ واري قرارداد پاس ڪري وڏيرن ۽ جاگيردارن واري سنڌ اسيمبليء آئين ٽوڙيو آهي. هن قرارداد ذريعي ارڙيهين آئيني ترميم جو قتل ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ سنڌي فلسطينين جيان حق حاڪميت کان محروم ٿي رهيا آهن ۽ ڌاريا اسرائيل جيان قابض ٿيندا پيا وڃن. هنن چيو ته سنڌ سان ٿيندڙ ظلم ۽ جبر خلاف عوامي تحريڪ هميشه ميدان ۾ رهي آهي ۽ هاڻي به ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ شارٽ مارچون ۽ ريلون ڪڍڻ کانپوء 12 فيبروري تي عوامي تحريڪ طرفان ڪراچي ۾ عظيم الشان احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.