ڪلوئي ۾ اٽو مهانگو، مزدورن پاران گڏهه گاڏن تي ريلي ڪڍي انوکو احتجاج

ڪلوئي( رپورٽ: نواز لنڊ) ڪلوئي اٽو مھانگو ٿيڻ خلاف مزدورن انوکو احتجاج ڪيو شھر جي مين چوڪ کان پريس ڪلب ڪلوئي تائين گڏھ گاڏين تي ريلي ڪڍي مھانگائي خلاف سخت نعريبازي ڪري  احتجاج ڪيو ڪلوئي سماجي اڳواڻ رمضان لنڊ جي اڳواڻي ۾ مزدورن پورهيتن شھر جي مين چوڪ کان پريس ڪلب تائين گڏھ گاڏين تي انوکو احتجاج ڪيو انھيءَ موقعي تي مزدورن اسحاق شاھنواز ذوالفقار رجب علي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان مزدورن پورهيت ماڻھو آيون سڄو ڏينهن شھر ۾ گڏھ گاڏين تي ٽي سؤ کان چار سئو ڪمايو ٿا اٽو سؤ ستر اسي روپيا ڪلو وٺو ٿا  ايڏي مھانگائي جي دور۾ وڏي مشڪل سان ٻه ڪلو اٽو خريد ڪري سگھو ٿا باقي گھر جو راشن پاڻي خريد نه ٿا سگهو ھن سردي جي موسم ۾ ننڍن ٻارن لاءِ جاڪيٽ گرم ٽوپيون به ناھن  سخت سرديءَ جي معصوم ٻارڙا سردي ۾ تڙپن پيا انھن جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار ۽ ضلعي انتظاميه پاران سستي اگهه جو نوٽيفڪيشن جاري ڪن ٿا پر عمل نه ٿيندي آهي مسڪين پورهيت ماڻھو اڄ به مھانگائي جي چڪي ۾پيسجي رهيا آهن انھن سنڌ سرڪار سميت ضلعي انتظاميه کان مطالبو ڪيو نوٽيس وٺي سستو اٽو فراهم ڪيو وڃي جيئن ٻن ويلن جيتري ماني کائي سگهو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.