حيدرآباد ۾ ايم ڪي يوٿ نيٽ ورڪ جي سڏ تي مهانگائي خلاف احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) ايم ڪي يوٿ نيٽ ورڪ حيدرآباد پاران مهانگائي خلاف ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو  ويو. ان موقعي تي احمد دل، مهراڻ ڀٽو، پنهل ساريو، ڪي ڪي بروهي، رفيق جماڻي ۽ ٻين چيو ته اٽو سنڌ ۾ في ڪلو 160 روپيا وڪامي رهيو آهي, جيڪو غريب جي کائڻ کان زور آهي، صحت جون دوائون تمام وڏيون مهانگيون ٿي ويو آهن، جيڪي عام ماڻهو جي خريد کان چوٽ چڙهي ويون آهن، ملڪ ۾ مهانگائي جو طوفان اچي ويو آهي پر پ پ جي حڪمرانن جي ڪنن تي جوءِ به نه ٿي چري. هنن مطالبو ڪيو ته مهانگائي ختم ڪري ماڻهن کي جيئڻ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.