ميرپورماٿيلو ( ن ع آ ) ڊي سي گهوٽڪي محمد عثمان عبدﷲ جي هدايت تي مختيارڪار ميرپورماٿيلو محمد قاسم ڌانڌو ڪارروائي ڪندي غيرقانوني طور تي ميرپورماٿيلو قومي شاهراهه کان ڪراچي طرف ويندڙ ڪڻڪ سان ڀريل 2 ٽرالر تحويل ۾ وٺي خوراڪ کاتي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. ان سلسلي ۾ مختيارڪار جو چوڻ آهي ته هن ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ڪڻڪ سان ڀريل 2 ٽرالر تحويل ۾ ورتا جن ۾ مجموعي طور تي هڪ لک 11 هزار 720 ڪلو گرام ڪڻڪ موجود هئي جيڪا خوراڪ کاتي حوالي ڪئي وئي آهي.