مٺياڻي ۾ اٽي جا اسٽال نه لڳڻ خلاف شهرين جو احتجاج

مٺياڻي  ( ن ع آ ) مٺياڻي ۾ اٽي جا اسٽال قائم نه ٿيڻ خلاف شھرين جو فدا حسين شاھ ، فدا حسين سولنگي ۽ محبوب ملڪ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو،  ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته ڪڻڪ جي اٽي جي اگهه ۾ رڪارڊ واڌ ڪندي ڪڻڪ جو اٽو في ڪلو 140 رپيا وڪرو ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان اٽي جي اگهه ۾ واڌ اچي رهي هئي، جيڪا 140 رپيا في ڪلو جي ڳاٽي ٽوڙ اگهه تائين پھچي چڪي آهي، جنهن سبب پورهيت طبقو ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ به پريشان آهي، هوڏانهن سنڌ حڪومت پاران  عوام کي سستو 65 رپيا في ڪلو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ اسٽال لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو ليڪن مٺياڻي ۾ اهڙا ڪي به اسٽال قائم نه ٿي سگهيا آهن جتان عوام کي سستو اٽو مهيا ٿي سگهي، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن ٻڌايو ته مهانگائي اڳ ئي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، ويتر اٽو مهانگو ٿيڻ کان پوءِ مزدوري ۾ مليل رقم مان ٻن ويلن کائڻ لاءِ اٽو وٺڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي. ڊي سي  نوشهرو نوٽيس وٺي سستي اٽي جا اسٽال قائم ڪري

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.