قاضي احمد لڳ امدادي رقم مان ڪٽوتي جو الزام، 4 ايجنٽ گرفتار

قاضي احمد (ن ع آ) قاضي احمد لڳ علي رضا موري وٽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي امدادي رقم مان ڪٽوتي ڪرڻ جي الزام هيٺ نواب ولي محمد پوليس 4 ايجنٽن کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ايجنٽن مٿان قاضي احمد ٿاڻي تي سرڪاري مدعيت ۾ ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي پوليس ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آهي تہ علي رضا موري ڀرسان مال راھو چونڪ تي ايجنٽ ڊوائيز کڻي عورتن کي بليڪ ميل ڪري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي پئسن مان ڪٽوتي ڪري رھيا ھئا ڳجھي اطلاع تي ڇاپو هڻي چين ڄڻن اعجاز مھر، ربنواز عمراڻي، مراد شاھ ۽ مينھن مھر کي گرفتار ڪري ورتو جن وٽان ھڪ عدد HBL ڊوائيز عورتن جا اصلي شناختي ڪارڊ موبائل فونز ۽ مختلف بينڪن جا اي ٽي ايم ڪارڊ ھٿ ڪيا ويا آهن جيڪي شھر کان ٻاھر وڃي ڳوٺن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا ڪڍي انھن مان غيرقانوني ڪٽوتي ڪري رھي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.