پريالوءِ(ن ع آ) پريالوءِ جي الفاروق ڪالوني ۾ گذريل ڏينهن گهر باهران رکيل پلال کي باهه لڳڻ سبب گهر کي باهه لڳڻ ڪري سڙي زخمي ٿيل 3سالن جي معصوم نينگري تاج بيبي ڌي اياز علي الرو سکر جي اسپتال ۾ ھلندڙ علاج دوران زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، جنهن بعد سندس لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ڪهرام مچي ويو جڏهن ته باهه لڳڻ سبب مڪمل طور تي سڙيل گهر ۾ معصوم نينگري جو لاش پهچڻ تي ڪالوني ۾ سوڳ واري صورتحال پکڙجي وئي جنهن بعد ۾ نينبگري جي جنازي نماز بعد کيس اباڻي قبرستان م مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.