چڪ ڀرسان ٻار سان ٻن ڄڻن جي بدفعلي، اسپتال داخل

لکي غلام شاھه (رپورٽ نديم جان مهر) چڪ ڀرسان کاهي ڳوٺ ۾ هارپو ڪندڙ ٻنيءَ تي ويل 13 سالن جي نينگر امام ڏنو پٽ نظير احمد شيخ سان ٻن ڄڻن جي مبينا بدفعلي، حالت خراب هجڻ سبب چڪ اسپتال کان لکي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي نينگر جي والد صحافين سان  ڳالهائيندي چيو سندس پٽ ٻنيءَ تي مال جو چارو ڪرڻ ويو هو جتي موجود شر برادري جي ٻن ڄڻن واجد پٽ ٻانهو شر ۽ فريد پٽ پهلوان شر پٽ کي پڪڙي ٻڌي ڪري زبردستي بدفعلي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا جنهن بعد چڪ اسپتال نيو ويو هو جتان لکي اسپتال آندو ويو آهي جوابدارن خلاف چڪ ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس جوابدار گرفتار نه ڪيا آهن اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، هوڏانهن لکي سول اسپتال جي ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته نينگر جا جزا ورتا ويا آهن جيڪي گمبٽ اسپتال منتقل ڪيا ويندا رپورٽ اچڻ تائين ڪجھ نه ٿو چئي سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.