لاڙڪاڻي ۾ شاگردن جو فيس اوڳاڙي خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ تعليمي بورڊ طرفان نائين ۽ ڏهين جماعت جي شاگردن کان امتحاني فيس جي آڙ ۾ غيرقانوني ۽ جائز فيس جي اوڳاڙي خلاف 9 ڏينهن گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪندري اسڪول ۽ گورنمينٽ سينٽ جوزف هاءِ اسڪول جي شاگردن وي آءِ پي روڊ تي احتجاجي  مظاهرو ڪري ڌرڻو. ان موقعي تي شاگردن علي رضا، شاھ محمد، نبيل، امداد علي شڪيل ميراڻي، امتياز جعفري، الله ڏنو سرگاڻي، شاگردياڻين، هديه بتول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي هنن چيو ته تعليمي بورڊ جو پاڻ ۾ ڳٽ جوڙ آهي جيڪي شاگردن کي رليف فراهم ڪرڻ بجاءِ انهن جو مستقبل تباهه ڪري رهيا آهن. غيرقانوني فيس وارو فيصلو واپس وٺي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.