ڪوٽ غلام محمد ۾ مهانگائي خلاف شهري روڊن تي نڪري آيا، ڌرڻو

ڪوٽ غلام محمد (رپورٽ : الهداد خاصخيلي) ڪوٽ غلام محمد جي عوام مھانگائي خلاف روڊن تي نڪري آئي ،يوسي لال شاھ جي  آزاد ضعلي ڪائونسل ميمبر نواب حارث خان ٽالپر جي سڏ تي سول سوسائٽي جي اڳواڻڻ سياسي سماجي اڳواڻڻ ۽ عوام جو مھانگائي خلاف نڪرندڙ احتجاجي مظاهري ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي ،ريلي نواب ھائوس کان ٿيندي نيشنل پريس ڪلب ڪوٽ غلام محمد پھتي جتي ريلي جي اڳواڻڻ نواب حارث خان ٽالپر ،محبوب کيڙو ،شھيد ڀٽو پارٽي اڳواڻ سيد جمال شاهه ،قومي عوامي تحريڪ اڳواڻ ڪامريڊ رازو مل ڪولھي يوسي لال شاھ جي چئيرمين،ناصر بنديشہ ،ڪامريڊ سترام داس ،ظھور خاصخيلي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو عوام پنھنجو ووٽ ڏئي نمائندن کي ايوانن ۾ پر اڄ آھي نمائيندا ڏکي مھل ۾ پنھنجي عوام سان گڏ بيٺل نٿا اچن ،ھنن چيو ته مھانگائي سبب غريب پورھيت طبقو سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويو آهي ،۽ عوام اٽي لاء دربدر آھي پر نااھل حڪمران پنھنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پورا آهن ،اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سي ايم سنڌ ۽ وزير عوام کي ڪوڙا دلاسا ۽ ڏٽا ڏيئي رھيا آھن ،ڪٿي به سرڪار پاران اعلانيل 65 روپيا ڪلو اٽو نه ملي رھيو آھي ، ۽ نه آھي ڪا اسٽال لڳي سگھيا آهن ،ھنن چيو ھتي ڪرپشن عروج تي ھئيڻ جي ڪري غريب مسڪين ماڻھن جا حق کائيجن پيا ھنن چيو جڏھن برساتي ٻوڏ دوران اربين روپيا ٻاھران ملڪن مان مليا پر ھتي متاثرن کي نه راشن نه ٽينٽ ۽ نه ئي ڪا ٻي شيءِ ملي سگھي ،ھنن چيو ته معدني وسيلن سان مالامال سنڌ جا مالڪ اڄ کايڻ جي اٽي لاء پريشان آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.