ڪراچي (عوامي آواز نيوز) دادو ۾ سنڌ سڀا پاران کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ اڄ 28 ڏينهن به علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، ۽ ڪارڪنن پاران پراسرار طور تي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جا فوٽوز هٿن ۾ احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو ڪارڪنن مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي جلد آزاد ڪيو وڃي.