احمدپور لڳ ڪراچي کان ايندڙ 2 نوجوان گم، اغوا جو شڪ

احمدپور (ن ع آ)احمدپور لڳ ڳوٺ باگو ڦلپوٽو جا رهواسي نوجوان حسين پٽ نظر محمد ڦلپوٽو ۽ امجد پٽ امام بخش ڦلپوٽو ڪراچي کان  موٽر سائيڪل تي واپس ڳوٺ باگو ڦلپوٽو ايندي رستي تان اغواٿي ويا آهن جڏهن ته نوجوانن جي وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي ان حوالي سان ٻنهي نوجوانن جي وارثن رضا ۽ حمد علي ڦلپوٽو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان جا نوجوان ڪراچي جي ناظم آباد واري علائقي ۾ بيڪري تي مزدوري ڪندا آهن جن ڪراچي کان نڪرڻ کان پوءِ پنهنجي گهر رابطو ڪري ڳوٺ اچڻ جو ٻڌايو ۽ جيڪي ڪراچي کان موٽر سائيڪل تي واپس ڳوٺ اچي رهيا هئا ته رستي تان اغوا ٿي ويا آهن جن کي ٽي ڏينهن گذري ويا آهن ۽ انهن ٻنهي جا موبائيل فون نمبر پڻ بند ٿيل آهن ھنن چيو ته ٻنهي نوجوانن جي گھڻي ڳولھا ۽ پڇا ڳاڇا ڪئي آهي پر ھنن جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي جنهن ڪري اسان سخت پريشان ٿي ويا آهيو ھنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نوجوانن جي ڳولھا ۾ مدد ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.