دادو ۾ مڙس جي تشدد جو شڪار ناري تحفط لاءِ پريس ڪلب پهچي وئي

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) دادو ۾ مڙس جي تشدد جو شڪار ناري تحفط لاءِ پريس ڪلب پهچي وئي، دادو شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد  ۾ فضل الدين ڪالوني جي رهواسڻ ناري ابير کوسو پنهنجي 6 سالن جي ڌي اقصيٰ سان گڏ دادو پريس ڪلب پهچي پنهنجي مڙس خلاف احتجاج ڪيو، هن چيو ته مڙس بچايو ٻگهيو شڪي قسم جو ماڻهو آهي جيڪو مون کي بنا جواز جي تشدد ڪري ٿو 3 ڏينهن اڳ مڙس تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو آهي، مائٽن جي گهر آئي آهيان ۽ مڙس موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي مون کي پنهنجي مڙس بچايو ٻگهيو کان تحفظ ڏياريو وڃي ۽ تشدد جو نوٽيس وٺي ان خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.