کوکراپار ۾ پورهيت جي گهر کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

کوکراپار(رپورٽ عنايت قمبراڻي ) يونين ڪائونسل درساڻو ڇنو جي ھاشم مھر علي جوکيو ڳوٺ جي پورهيت اڪرم  جوکيو جي ڪکائين گهر  کي باهه وڪوڙي وئي جنهن سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو اطلاع ملندي بلدياتي اليڪشن ۾ وائيس چيئرمين تي بيٺل آزاد اميدوار ساجد غلام جوکيو پهچي ويو ۽ پورهيت جي مالي مدد ڪئي ان موقعي تي ساجد غلام جوکيو چيو ته اسان سماجي ڪم ڪندڙ آهيون جيڪڏهن اسان جي سماج اندر ڪنهن غريب پورهيت کي تڪليف پهچي ٿي ته اها اسان کي تڪليف پهچندي آهي ملير جي ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو هر ممڪن مدد ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.