مٽياري ۾ نينگري سان زيادتي ڪندڙ جوابدار کي عمر قيد جي سزا

مٽياري(ڊ  ر) ايڊيشنل سيشن جج مٽياري جي ماڊل ڪورٽ سيکاٽ ڀرسان 11 سالن جي نينگري سان زنا ڪندڙ جوابدار کي عمر قيد ۽ ھڪ  لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي ٻہ سال اڳ سيکاٽ ٿاڻي تي فريادي سومار ڪنڀار فرياد داخل ڪرايو  ته  سندس 11 سالن جي معصوم نياڻي سميا ڪنڀر سان جوابدار ٻوٽي ملاح زوري زنا ڪئي آھي جنھن بعد سيکاٽ پوليس جوابدار کي گرفتار ڪيو ۽ ٻن سالن کان ماڊل ڪورٽ ۾ ڪيس ھلندڙ ھو جنھن بعد اڄ سيشن جج ٻنھي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار تي زنا جو ڪيس ثابت ٿيڻ تي جوابدار ٻوٽي ملاح کي عمر قيد ۽ ھڪ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.