ٺٽو باءِ پاس ڀرسان ھٿياربندن جي فائرنگ، ھڪ نوجوان زخمي

ٺٽو (ڊ ر) ٺٽي ويجھو ٺٽو باءِ پاس لڳ موٽر سائيڪل  سوار ھٿياربندن جي فائرنگ سبب گوليون لڳڻ ڪري ھڪ نوجوان ممتاز علي ڪرناڻي زخمي ٿي پيو، ھٿياربند موقعي تان فرار ٿي ويا، فائرنگ جو آواز ٻڌي ڀرپاسي جي ماڻهن پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس زخميءَ کي سول اسپتال مڪلي منتقل ڪيو. ابتدائي رپورٽ موجب زخمي نوجوان ممتاز علي ڪرناڻي کي 2 گوليون لڳيون آهن. ٺٽو پوليس موجب ممتاز علي ڪرناڻي تي حملو ڪندڙن جي گرفتاري لاءِ مختلف ھنڌن تي ناڪابندي ڪئي آھي، حملو ڪندڙ کي قانوني گرفت ۾ آڻڻ لاءِ جانچ ڪري رھيا آھيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.