گمبٽ ۾بدامنيءَ تي ضابطو نه آيو ،ٻه وارداتون،پوليس خاموش

گمبٽ (ن، ع ، آ) گمبٽ م پوليس انتظاميه جي نااهلي سبب وڌندڙ بدامنيءَ تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي نامعلوم ڏوھارين ھڪ ئي رات ۾ شھر جي مختلف علائقن مان چوري جون ٻه وارداتون ڪري ويا گمبٽ جي پراڻي مارڪيٽ ۾ دڪاندار ديوان منو مل جي دڪان جي ڇت پٽي صابڻ جا 4 ڪارٽون ، صرف ، کاڌ خوراڪ جو ھزارين روپين جو سامان چوري ڪري فرار .جڏهن ته پيرزاده پاڙي واسي محمد صديق شاھ جي بند پيل جڳھ جي ڀت ٽپي لوھ جا ٻه گاڊر ۽ 15 ٽيئر چوري ڪري فرار ٿي ويا متاثرن پاران گمبٽ ٿاڻي تي اھڙين ڏوھي وارداتن جون اين سيون داخل ڪرائيندي ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته ڏوھارين خلاف سخت ڪارروائي ڪري وڌندڙ بدامنيءَ تي ضابطو اڻي ٿيل ڏوھ واپس ڪرائي ۽ امن امان بحال ڪرائي  انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.