عوامي آواز ڀان جو رپورٽر ڪوڙي ڪيس مان باعزت بري

ڀان سيدآباد ( ن ع آ (سيوهڻ جي عدالت پاران عوامي آواز ڀان سيدآباد جي رپورٽر آدم مينگل کي ڪوڙي ڪيس مان باعزت بري ڪري ڇڏيو آهي، سيپٽمبر مهيني دوران سينيئر صحافي آدم مينگل تي ڀان پوليس سياسي ونگار وهندي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو هيو جيڪو ڪيس سيوهڻ جي عدالت ۾ ساڍا چار مهينا هليو، ڪالهہ سيوهڻ جي عدالت ڪيس کي ڪوڙو قرار ڏيڻ جو فيصلو جاري ڪندي سينيئر صحافي آدم مينگل کي ڪيس مان باعزت بري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، اهڙي فيصلي بعد صحافين ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي، صحافين ذوالفقار مينگل، مظفر کوکر، آصف علي ميمڻ، عاشق مينگل، پرديپ ڪمار، عبدالڪريم جمالي، ياسر شورو، صفر خشڪ ۽ ٻين پاران سينيئر صحافي آدم مينگل، سندس وڪيل ايڊوڪيٽ شريف سولنگي ، ايڊوڪيٽ عاشق سولنگي  کي گلن جا هار پارائي مبارڪون ڏنيون ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.