لاڙڪاڻي پوليس وارداتن ۾ملوث ڏوهارين جو تصويرون جاري ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس شهر اندر ڦرن، چورن ۽ ڌاڙن جي وارداتن ۾ ملوث چئن ڏوهارين جون تصويرون جاري ڪندي شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته ڪنهن به وٽ انهن ڏوهارين بابت ڪا به ڄاڻ هجي ته ايس ايس پي آفيس جي فون نمبرن سان رابطو ڪيو وڃي، اطلاع ڏيندڙ جو نالو راز ۾ رکڻ سان گڏ ان کي وڏو انعام پڻ ڏنو ويندو. واضع رهي ته نئين سال جي شروعات کان هن وقت تائين لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀروارن علائقن ۾ ڦرن، چورين ۽ ڌاڙن سميت ڏوهاري وارداتن ۾ اضافي سان واپاري توڙي عام شهري عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويا آهن. ڄاڻايل ڏوهارين جون تصويرون سي سي ٽي وي فوٽيجز سان مدد سان حاصل ڪيا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.