لاڙڪاڻي ۾ گئس جي هٿرادو لوڊشيدنگ خلاف شهرين جو ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي مختلف پاڙن جي رهواسين گيس جي لوڊشيڊنگ ۽ گهٽ پريشر خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جتي هنن هٿن ۾ بئنر کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي، ان موقعي تي تي رهواسين حاجي خان جاگيراڻي، فقير سڪندر نقشبندي، امجد ميمڻ، طارق کوسو، وحيد بليدي، افضل جتوئي، حفيظ الله جاگيراڻي، راجا ميراڻي ۽ ٻين دانهيو ته اسان شهر جي وليد محلا، معظم ڪالوني، غريب آباد، ميروخان چوڪ، منور آباد، لهر ڪالوني، ڳوٺ گل محمد کوسو سميت ٻين پاڙي جا رهواسي آهيون جتي ٿڌ ۾واڌ سان ئي لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀروارن علائقن ۾ ڏينهن توڙي رات جي وقت گيس لوڊشيڊنگ سبب گهريلو عورتن کي رڌ پچاءَ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، ڪجهه ڏينهن کان وٺي سوئي سدرن گئس ڪمپني طرفان اسان جي علائقن ۾ صرف 7 ڪلاڪ گئس ڏني پئي وڃي ۽ 17 ڪلاڪ بجلي بند ڪري وڏي ناانصافي ڪئي پئي وڃي اهڙي ويڌن خلاف اسان سوئي سدرن گيس ڪمپني جي انتظاميه کي ڪيترائي ڀيرا شڪايتون به ڪيون پر هو مسلسل ڪن لاٽار ڪن ٿا،گئس جي فراهمي کي يقيني بڻائي رليف فراهم يقيني بڻايو،  ٻئي صورت احتجاج جو دائرو وڌائيندي سوئي سدرن گيس جي ريجنل آفيس ٻاهريان ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.