پني عاقل جي عدالت ۾ ٻڌڻي، ايس ايڇ او کي پيش ٿيڻ جو حڪم

پنوعاقل ( ت ر ) پنوعاقل جي عدالت پاران بائجي ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ،فرسٽ سول جج جي  عدالت فريادي نويد سميجو جي پٽيشن تي ٻڌڻي بعد ايس ايڇ او بائجي غلام مصطفيٰ ميراڻي۽ وڏي منشي خالد ڪلوڙ کي عدالت م پيش نه ٿيڻ تي  ايس ايڇ او سٽي کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت حڪم ڪيو آھي ته ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي کي 14 جنوري تي ڪورٽ م پيش ڪيو وڃي،  عدالت پاران جوابدارن خلاف 30 ، 30 ھزار رپين عيوض ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته فريادي پاران ڪيس  ۾ ڄاڻايو ويو ھو  ته پوليس جھيڙي ۾ فريادي جو ڪيس داخل ڪرڻ بدران سندس ڪيس جي جوابدارن کي پيسن عيوض  ڇڏيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.